My WordPress Blog

اسٽيبلشمينٽ جو ” پلان بي “ ري اميجنگ کي سياسي قوت طور منظم ڪرڻ جو فيصلو

0

لاهور ( ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سياست ۾ گرما گرميءَ دوران اسٽيبلشمينٽ جي پلان  بي جو انڪشاف ٿيو آهي. ري اميجنگ پاڪستان کي امرجنگ پاڪستان جي شڪل ڏئي هڪ نئين سياسي قوت ميدان ۾ آڻڻ جو طئه ڪيو ويو آهي. نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته (ن) ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، پ پ جو اڳوڻو سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر ري اميجنگ پاڪستان جي نالي سان سرگريمون ڪري رهيا آهن.  مختلف سيمينار به ڪري چڪا آهن. ان سلسلي ۾ ڄاڻ ملي آهي ته اسٽيبلشمينٽ ان ري اميجنگ کي امرجنگ ۾ تبديل ڪري مختلف پارٽين جي اڳواڻن جي شموليت لاءِ در کولي ڇڏيا آهن. ان ۾ (ن) ليگ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ جا ناراض اڳواڻ شامل ٿيندا. ڇو ته هينئر به (ن) ليگ ۽ وفاقي ڪابينا ۾ اهڙا وزير موجود آهن جيڪي پارٽي پاليسي کان ناراض آهن. عبدالرحمان ڪانجو ته وزارت تان استعيفا ڏئي چڪو آهي پر اعلان سلمان شهباز روڪرايو آهي. ڪانجو کي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اچي ته اوهان جي ان سان ملاقات ڪرائيندس خدشا ختم ڪيا ويندا. قومي اسيمبلي جي ناڻي  ڪميٽي جو سربراهه قيصر شيخ به ڪاوڙيو ويٺو آهي. ڪي پي ڪي ۾ مهتاب عباسي گروپ به امير مقام کان ناراض آهي، اهي سمورا اڳواڻ جلد ري ايمجنگ ۾ شامل ٿيندي نظر ايندا. پي ٽي آءِ جا ناراض اڳواڻ پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ ڪجهه ٻيا به ري اميجنگ جو حصو بڻبا، اعتزاز  احسن ، لطيف کوسا ۽  پنجاب خاص طور ڏکڻ پنجاب جا پ پ اڳواڻ به اسٽيبلشمينٽ جي ” پلان  بي “ جو حصو بڻجي ويندا. ان حوالي سان مختلف پارٽين جي اڳواڻن سان رابطا تيز ٿي ويا آهن ۽ ري اميجنگ اڳواڻ متحرڪ ٿي ويا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.