اسان ڪراچي جون 11 مان 5 يوسيز کٽيون آهن: سعيد غني جي دعويٰ
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان 11 مان 5 يوسيز کٽيون آهن،اسان کي به نتيجن تي خدشا آهن، قانوني رستو اختيار ڪنداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي جو مينڊيٽ مڃون ٿا پر ان تي به سوال اٿيا آهن. هن چيو ته پ پ کي ڪراچي مان ٻڙي نٿا ڪري سگهو، جماعت اسلامي به اسان جو مينڊيٽ قبول ڪري. سندس چوڻ هو ته انهن کي اسان مان وڌيڪ تڪليف لياري بهار واري سيٽ کٽڻ مان ٿي آهي، جماعت اسلامي غنڊاگردي ڪئي، اسان جا ٽي ڪارڪن زخمي ٿيا آهن.