آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ ثاقب نثار کي پٽ سميت خاص ڪميٽي ۾ طلب ڪرڻ جو فيصلو
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ قائم خاص ڪميٽي طرفان اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ سندس پٽ نجم ثاقب کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف طرفان قائم ڪيل خاص ڪميٽي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار، سندس پٽ ۽ جنهن همراهه کي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ ملي آهي ان کي طلب ڪندي. ڪميٽي جو پهريون اجلاس سڀاڻي ٿيندو، ان ڏس ۾ اسلم ڀوتاڻي جو چوڻ آهي ته ثاقب نثار کي پنهنجي دفاع يا موقف پيش ڪرڻ جو پورو موقعو ڏنو ويندو. هڪ انٽرويو دوران خاص ڪميٽي جي اسلم ڀوتاڻي ٻڌايو ته ڪميٽي جو پهريون اجلاس نوَ مئي تي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.