My WordPress Blog

هڪ ئي وقت چونڊون: ان نتيجي تي پهتا آهيون ته معاملو سياسي عمل تي ڇڏيو وڃي: چيف جسٽس

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊن جي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ان نتيجي تي پهتا آهيون ته معاملو سياسي عمل تي ڇڏيو وڃي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان ڪجهه چوڻ چاهيون ٿا، عدالت ۾ اڃا مسئلو آئيني آهي سياسي ناهي، عدالت سياسي معاملو سياسي جماعتن تي ڇڏي ٿي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ماضي ۾ عدالت آئين جو احترام نه ڪيو ۽ رستو ڪڍيو ۽ ان سان نقصان ٿيو، هن عدالت سدائين احترام ڪيو ۽ ڪنهن ڳالهه جو جواب نه ڏنو، جڏهن ڪاوڙ هجي ته فيصلا درست ناهن ٿيندا، تنهن ڪري اسان ڪاوڙ ئي ناهيون ڪندا. چيف جسٽس چيو ته حڪومت ڪڏهن فيصلو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، توهان چار ٽي جي بحث ۾ لڳا پيا آهيو، جسٽس اطهر من الله اسيمبليون بحال ڪرڻ جو نڪتو اٿاريو هو پر حڪومت جي دلچسپي ئي نه هئي، اڄوڪي گفتگو ئي ڏسو، ڪو فيصلي يا قانون جي ڳالهه ئي نه پيو ڪري، حڪومت جي سنجيدگي اها آهي ته اڃا تائين نظرثاني درخواست داخل ناهي ٿي، حڪومت قانون نه سياست ۾ دلچپسي ڏيکاري رهي آهي. هن چيو ته چونڊن واري فيصلي تي نظرثاني جو وقت هاڻ گذري ويو آهي، اسان ان معاملي ۾ رڳو سهولتڪاري ڪرڻ چاهيون ٿا، هڪ ئي ڏينهن چونڊن جي تاريخ تي اتفاق راءِ ٿيڻ گهرجي، ان نتيجي تي پهتا آهيون ته معاملو سياسي عمل تي ڇڏيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.