سربيا ۾ فائرنگ جو هڪ ٻيو واقعو، 8 ڄڻا مارجي ويا ڪيترائي زخمي
بلغراد (ويب ڊيسڪ) سربين گھرو وزارت جي ترجمان چيو آهي ته سربيا جي ڳوٺ ڊيوبونا ۾ فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ 8 ڄڻا مارجي جڏهن ته 13 زخمي ٿي پيا. ترجمان موجب 21 ورهين جي هٿياربند مقامي وقت موجب رات جو 11 وڳي جي ويجهو هڪ گروهه تي فائرنگ ڪري ڏني، واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اختيارين واقعي کي علائقائي دهشتگردي Domestic Terrorism قرار ڏيندي ٻڌايو ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ اسپيشل فورسز جون ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جلد گرفتار ڪيو ويندو. واضح رهي ته ان واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ به سربيا جي راڄڌاني بلغراد جي اسڪول ۾ 14 ورهين جي شاگرد جي فائرنگ جي نتيجي ۾ اٺ شاگرد ۽ هڪ سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو هو جڏهن ته ست ڄڻا زخمي ٿيا هئا