My WordPress Blog

حڪومتي ڪميٽي پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊن جي معاملي تي وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. حڪومتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، هڪ ئي ڏينهن چونڊن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ وفاق ۽ صوبن ۾ نگران حڪومت تي به اتفاق ٿي ويو آهي پر اهو طئي ناهي ٿيو ته قومي، سنڌ  بلوچستان جون اسيمبليون ڪيستائين ٽوڙيون وينديون. رپورٽ موجب قومي، بلوچستان ۽ سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ تي سياسي اڳواڻ مشاورت ڪندا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومتي اتحاد آئيني مدي کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ تي لچڪ جو مظاهرو ڪيو، حڪومتي اتحاد سمجهي ٿو ته سياسي معاملن جو حل سياسي ڊائيلاگ سان ئي ممڪن آهي، عوامي مفاد خاطر حڪومت ڳالهيون اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار آهي. رپورٽ موجب حڪومتي اتحاد 20 اپريل تي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ عدالت کان مهلت ورتي هئي، حڪومتي اتحاد مان رڳو ٻه جماعتون ڳالهين لاءِ راضي هيون، ن ليگ ۽ پ پ ڳالهيون ڪيون، پي ٽي آءِ کي ٻڌايو ته ملڪ انتهائي اهم ۽ حساس حالتن مان گذري رهيو آهي، پي ٽي آءِ کي ٻڌايو ته ايندڙ بجيٽ کان اڳ آءِ ايم ايف ۽ دوست ملڪن سان معاهدا اڻٽر آهن، پي ٽي آءِ ملڪي معاشي مسئلن جي سنگيني کي تسليم ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.