My WordPress Blog

توشا خانا ڪيس: عمران خان تي 10 مئي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانا فوجداري ڪارروائي ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي 10 مئي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان جون ٻئي درخواستون به خارج ڪري ڇڏيون.ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور محفوظ فيصلو ٻڌائيندي عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ 10 مئي تي طلب ڪري ورتو. عدالت حڪم ڏنو ته عمران خان 10 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي، 10 مئي تي عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.