My WordPress Blog

برطانوي بادشاهه جي تاج پوشي تقريب تي ڪيترو خرچ ڪيو ويندو؟

0

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين جي تاج پوشي 6 مئي تي ويسٽ منسٽر ايبي ۾ وڏي تقريب دوران ڪئي ويندي. برطانوي بادشاهه جي تاج پوشي سان گڏ لنڊن سوڌو سڄي برطانيا ۾ 3 ڏينهن جي جشن جي شروعات به ٿيندي ۽ ان لاءِ 8 مئي تي موڪل جو اعلان به ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ قسم جي تقريبن 7 ڏهاڪن کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪئي پئي وڃي جنهن جي نوعيت رسمي آهي ڇو جو 74 ورهين جو بادشاهه 8 سيپٽمبر 2022ع تي ملڪه الزبيٿ ٻي، جي موت کان پوءِ تخت تي ويٺو هو. اها تقريب ان وقت ٿي رهي اهي جڏهن برطانيا معاشي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ عوام جي معيار زندگي مهانگائي سبب گھڻي متاثر ٿي آهي. تقريب تي ڪيترو خرچ ڪيو پيو وڃي؟بکنگهم پيلس طرفان ته تاج پوشي جي تقريب تي ٿيندڙ خرچن جا انگ اکر جاري ناهن ڪيا ويا پر برطانوي بادشاهه ڪجهه عرصو اڳ چئي چڪو هو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ اها تقريب ننڍي هوندي جنهن تي ٿيندڙ خرچ به گھٽ هوندا. هڪ ڪاٿي موجب ان تقريب ۾ سڄي دنيا کان ايندڙ 2 هزار جي ويجهو وي آءِ پي مهمان شرڪت ڪندا، ان جي ڀيٽ ۾ ملڪه ايلزبٿ ٻي جي تاج پوشي تقريب ۾ 500 مهمانن شرڪت ڪئي هئي. اها تقريب هڪ ڪلاڪ جي هوندي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ان تقريب تي 6 ڪروڙ 30 لک کان ساڍا 12 ڪروڙ ڊالر (17 کان 35 ارب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) خرچ ڪيو ويندو. 1953ع ۾ ملڪه ايلزبٿ ٻين جي تاج پوشي تقريب ۾ 15 لک پائونڊن کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي وئي هئي جيڪا موجوده دور ۾ 6 ڪروڙ ڊالڙز کان وڌيڪ ٿئي ٿي. اهي خرچ ڪير ادا ڪندو؟گھڻين عوامي تقريبن جيان تاج پوشي جي تقريب جو خرچ به برطانوي حڪومت ادا ڪندي. بکنگهم پيلس طرفان به ڪجهه خرچ ڪيو ويندو پر اهو ڪيترو هوندو، ان بابت خبر ناهي پئجي سگھي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.