My WordPress Blog

گٽڪي ۽ مين پُڙيءَ تي پابندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اهم حڪم

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪا وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گٽڪي، مين پڙي تي پابندي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته آءِ جي سنڌ طرفان رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قانون ۾ ترميمون ڪري گھرو وزارت کي موڪلي ڇڏيون آهن. عدالت گھرو سيڪريٽر سنڌ کي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا. عدالت سنڌ ۾گٽڪي جي پابندي جو حڪم برقرار رکندي پوليس کي گٽڪو ورڪرو ڪندڙ خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.