My WordPress Blog

ڪرم ضلعي ۾ فائرنگ جا واقعا، 7 استادن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا

0

ڪرم (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 7 استادن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا. ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال پارا چنار جي ڊي ايم ايس قيصر عباس ٻڌايو ته فائرنگ جي پهرئين واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جنهن کي اسپتال آندو ويو، جنهن جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ان کانپوءِ فائرنگ جا مختلف واقعا پيش آيا، انهن واقعن ۾ به ماڻهو قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي اطلاع تي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. پوليس موجب اپر ڪرم ۾ شلوزان روڊ تي اڻڄاتل ماڻهن هلندڙ گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري مارجي ويو. پوليس ٻڌايو ته ان واقعي کانپوءِ هٿياربندن تري منگل هاءِ اسڪول ۾ گهڙي 7 استادن کي قتل ڪري ڇڏيو. انهن واقعن کانپوءِ سڄي ضلعي جي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سمورا رستا سيڪيورٽي خدشن سبب بند ڪيا ويا آهن. هوڏانهن ڪوهاٽ تعليمي بورڊ جي انتظام هيٺ 28 اپريل کان جاري ميٽرڪ جا امتحان به اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيا ويا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.