My WordPress Blog

پوليس جي وڏي ڪاميابي، سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم سميت ٻين حملن ۾ ملوث دهشتگرد مارجي ويو

0

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد اقبال عرف بالي کيارا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، اهو دهشتگرد 2009 ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم تي ٿيندڙ حملي ۾ به ملوث هو. دهشتگرد بالي کيارا جو مارجڻ ڪي پي پوليس جي هلندڙ سال جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، مارجي ويل دهشتگرد ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽراما سينٽر آپگهاتي ڌماڪي ۾ پڻ ملوث هو. اقبال عرف بالي کيارا پوليس تي حملي کانپوءِ جوابي فائرنگ ۾ ساٿي سميت مارجي ويو، هو دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي 26 وارداتن ۾ ملوث هو، سندس جيئري يا مرڻ کانپوءِ گرفتاري تي هڪ ڪروڙ 5 لک رپيا انعام مقرر هو. ذريعن موجب دهشتگرد اقبال سي ٽي ڊي پوليس ڊي آءِ خان کي 21 ڪيسن ۾ گهربل هو، جڏهن ته ملتان پوليس کي 5 ڪيسن ۾ گهربل هو. آءِ جي خيبر پختونخواهه اختر حيات گنڊاپور موجب اقبال آپگهاتي حملي آورن جو سهولتڪار ۽ ٽرينر هو، هو هاءِ پروفائل گهربل دهشتگرد هو، هن جا پيرا سريلنڪن ٽيم تي حملي ڏانهن به وڃن ٿا، ڊي آءِ خان ۾ ان دهشتگرد بابت ريڪي هلي رهي هئي، اڄ پوليس جو دهشتگرد سان مقابلو ٿيو. هن ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ان جي سر جي قيمت 25 لک، جڏهن ته ڪي پي حڪومت ان جي سر قيمت 30 لک رپيا مقرر ڪئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.