My WordPress Blog

ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي بحران، آمريڪا ۽ اولهه ملڪن جي ايجنڊا ! ناڪام ڪرڻ جو عزم

0

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽  ڊي جي آءِ ايس آءِ ملاقات ڪري کيس چين جي دوري بابت ڄاڻ ڏني آهي ۽ اهو به ٻڌايو ته چين جو وزيراعظم جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. نامياري تجزئي نگار معظم فخر ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته ان ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته چين کي سي پيڪ جي سيڪيورٽي ۽ سيڙپڪاري جي تحفظ جي مڪمل خاطري ڪرائي وئي آهي. ملڪ ۾ سياسي استحڪام جو به يقين ڏياريو ويو آهي. ان دوران سعودي عرب ۽ روس سان لاڳاپن بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. عمران خان سان جرمني جي سفير ۽ فواد چوڌري سان آمريڪي سفير جي ملاقاتن تي به غور ڪيو ويو آهي. ڇو ته محسوس ڪيو پيو وڃي ته عمران خان آمريڪا جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش  ڪري رهيو آهي ۽  يورپي ملڪن کي ملڪي صورتحال بابت غلط ۽ بي بنياد ڄاڻ ڏئي رهيو آهي. اهم ملاقات ۾ آئيني ۽ سياسي بحران جي خاتمي جو عزم ورجايو ويو آهي. تجزئي نگار موجب چيني وزيراعظم جي آمد کان اڳ ملڪ ۾ پر امن ماحول هجڻ کي يقيني بڻائڻ جو به عزم ڪيو ويوآهي. ان جو مطلب اهو آهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ  ۽ حڪومت هڪ صفحي تي آهن. ان ڪري هاڻي ڪنهن به سياسي پارٽي خاص طور عمران خان کي سياسي غير يقيني  پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڇو ته سمجهيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ سياسي بحران  پيدا ڪرڻ هاڻي  آمريڪا ۽ اولهه ملڪن جي ايجنڊا آهي ان تي عمران خان يا ڪو ٻيو سياستدان عمل ڪندو ته ان کي بخش نه ڪيو ويندو. چين، روس ۽ سعودي عرب سان ڪيل واعدن ۽ خاطرين تي هر صورت ۾ عمل  ڪيو ويندو.“

Leave A Reply

Your email address will not be published.