My WordPress Blog

ملڪ رياض ۽ ثاقب نثار خلاف جاچ ڇو نه ٿي ٿئي!

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ نجم ثاقب نثار جي ليڪ ٿيل آڊيو جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.  جنهن ۾ هڪ صوبائي  اميدوار  کي هڪ ڪروڙ 20 لک رپين ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ  ڏيارڻ  بابت ڳالهه ٻول آهي. تجزئي نگار عمران شفقت جو چوڻ آهي ته نجم ثاقب نثار جو ڏوهه  اهڙي جاچ لائق نه آهي اصل جاچ ته اڳوڻي چيف  جسٽس ثاقب نثار جي  ڏوهن جي ٿيڻ گهرجي. جاچ ته ملڪ رياض کي برطانيا مان آيل 50  ارب رپيا ڏيڻ بابت  ٿيڻ  گهرجي. پر ڇاڪاڻ ته ثاقب نثار خلاف جاچ ٿيندي ته ان کان ڏوهه ڪرائڻ وارا پس منظر ۾ موجود ڪردار به پڪڙ ۾ ايندا. ڇو ته ثاقب نثار ته اصل ۾ جنرل (ر) باجوه ۽ جرنل (ر) فيض حميد جي هدايتن تي عمل ڪري رهيو هو. ملڪ رياض ته هاڻي مقدس ڳئون بڻجي چڪو آهي. ان خلاف جاچ ٿي ته حڪمران اتحاد ۾ به ڏار پئجي سگهي ٿو. ان ڪري حڪومت ان طرف وڌڻ کان ڊڄي رهي آهي. تجزئي نگار موجب نظام کي برباد  ڪندڙن خلاف جيستائين ڪارروائي نه ٿيندي تيستائين مسئلا مستقبل ۾ به حل نه ٿيندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.