سنڌ پوليس ۾ ڀرتين جي حوالي سان خوشخبري
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو کاتي صوبي ۾ هڪ هزار اي آءِ ايس جي ڀرتين لاءِ آءِ جي سنڌ کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ پوليس جي جاچ جي شعبي ۾ اي ايس آءِ جون 200 پوسٽون جوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، گڏوگڏ چيو ويو آهي ته گهرو کاتي کي مختلف معاملن تي تفصيل فراهم ڪيا وڃن ته جيئن وڏي وزير کي سمري موڪلي سگهجي. پهريون اهو ته هن وقت سنڌ ۾ ڪيترا اي ايس آءِ ۽ سب انسپيڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن؟ ٻيو هن وقت ڪيترا انسپيڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ۾ جاچ آفيسر به شامل آهن؟ٽيون اهو ته هن وقت سنڌ ۾ ڪيتريون پوليس اسٽيشنون آهن ته جيئن تجزيو ڪري سگهجي ته جاچ آفيسرن تي ڪيسن جو ڪيترو دٻاءُ آهي؟ چوٿون جيڪي پوسٽون ختم ڪيون وڃن، انهن لاءِ جواز ٻڌايو وڃي. سنڌ پوليس ۾ اي ايس آءِ جون 50 سيڪڙو ڀرتيون سڌي ريت ۽ 50 سيڪڙو پروموشن ذريعي ڪيون وينديون، 50 سيڪڙو ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪيون وينديون ۽ 50 سيڪڙو پوسٽون کاتي ۾ موجود آفيسرن کي ترقيون ڏئي پوريون ڪيون وينديون.