سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ واڌو چارج رکندڙ آفيسرن کان واڌو عهدا واپس وٺڻ جو فيصلو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ واڌو چارج رکندڙ آفيسرن کان وڌاو چارج واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مختلف گريڊ جي آفيسرن وٽ پنهنجي عهدي کانسواءِ ٻيا واڌو عهدا به موجود هئا، جن کان واڌو چارج واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مڪاني کاتن واري اداري طرفان ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب سنڌ جي مختلف ميونسپل ايڊمنسٽريٽرز، سي ايم اوز ۽ ٽائون آفيسرز کان واڌو چارج واپس ورتي وئي آهي. ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ملير مقصود علي ملاح کان چيف ميونسپل آفيسر، ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي ضلعو ڄامشورو جي واڌو پوسٽ واپس ورتي وئي آهي، چيف ميونسپل آفيسر ميونسپل ڪميٽي ڪنڌڪوٽ عابد لطيف کان چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور، ٽائون آفيسر ٽائون ڪميٽي ٻيراڻي سانگهڙ عبدالجبار ڪورائي کان ٽائون آفيسر ٽائون ڪميٽي تلهار بدين، ٽائون آفيسر ٽائون ڪميٽي خانڳڙهه گهوٽڪي محمد يونس کان ٽائون آفيسر ٽائون ڪميٽي لکي شڪارپور جي پوسٽ واپس ورتي وئي آهي. اهڙي ريت ٽائون آفيسر ٽائون ڪميٽي پريالو خيرپور علي اڪبر سهاڳ کان ٽائون آفيسر ٽائون ڪميٽي ڪنڌرا سکر، چيف ميونسپل آفيسر ميونسپل ڪميٽي ڪي اين شاهه دادو منصب علي کان ٽائون آفيسر ٽائون ڪميٽي ڪمشور، ٽائون آفيسر ٽائون ڪميٽي ميرپور بٺورو سجاول بابي مسانه کان ٽائون آفيسر ٽائون ڪميٽي ٺري ميرواهه خيرپور جي پوسٽ واپس ورتي وئي آهي. ٽائون آفيسر ٽائون ڪميٽي نوشهرو فيروز عبدالله ميمڻ کان ايڊمنسٽريٽر يونين ڪائونسل تعلقو حسين بخش مري ميرپورخاص، ايڊمنسٽريٽر يونين ڪائونسل تعلقو سامارو عمرڪوٽ سيد صابر حسين شاهه کان ايڊمنسٽريٽر يونين ڪائونسل ڊگهڙي ميرپورخاص، ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي ميهڙ دادو بابر علي مگسي کان ايڊمنسٽريٽر يونين ڪائونسل شهدادڪوٽ قمبر ۽ ايڊمنسٽريٽر يونين ڪائونسل تعلقي ٽنڊي آدم ضلعي سانگهڙ عبدالفتاح ٽڳڙ کان ٽيڪسيشن آفيسر ٽائون ڪميٽي نوشهرو فيروز جي واڌو چارج واپس ورتي وئي آهي.