My WordPress Blog

جنرل (ر) فيض جي ڏنل مواد جو جادو، عمران خان بيمار

0

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني هم خيال بئنچ جيڪي عمران خان جي حق ۾ فيصلا ڏنا ۽ آئين به ٻيهر  لکي ڇڏيو، ان  سبب سنگين آئيني ۽ سياسي بحران جنم ورتو معاملا آخرڪار ان حد تي پهتا جو هم خيال بئنچ ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون آهن، اها صورتحال هاڻي تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جنهن جو عمران خان کي به احساس ٿي ويو آهي. ان ڪري بيمار ٿيڻ بنا وٽس ڪو رستو  نه بچيو آهي. نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) فيض حميد سيڪيورٽي ادارن سان مڪمل سهڪار شروع ڪيو آهي ۽ ان جيڪي آڊيو ۽ وڊيوز ادارن کي ڏنيون آهن انهن جو جادوئي اثر نظر اچڻ شروع ٿي ويو آهي، جنرل (ر)  فيض جي سڌي رستي تي اچڻ جي ڄاڻ به عمران خان لاءِ صدمي  کان گهٽ خبر نه آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ  عمران خان  کي پوليس آڏو جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي حڪم به عمران خان کي لوڏي ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به عمران کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آهن، ان ڪري عمران خان بنا دير پنهنجي شوڪت خانم اسپتال پهچي پناهه ورتي آهي. ڇو ته محسوس ڪري رهيو آهي ته کانئس آخري عدالتي سهارو به کسجي چڪو آهي. ان ڪري ته جيڪي بظاهر عمران خان جي محبت ۾ گرفتار هئا. انهن کي جنرل (ر) فيض حميد کان مليل آڊيوز ۽ وڊيوز ٻڌايون ۽ ڏيکاريون ويون آهن، جنهن  کانپوءِ انصاف گهرن ۾ ويٺلن جا ذهن به کلي ويا آهن ۽ جنرل (ر) فيض حميد جيان سڌي رستي تي اچڻ شروع ٿي ويا آهن، مطلب ته عمران پراجيڪٽ جي پوئواري ڪندڙن جي مڪمل رستا روڪ ڪئي وئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.