مزدورن جو عالمي ڏهاڙو: سنڌ حڪومت سيسي ۾ پورهيتن جي نمائندگي وڌائي ڇڏي آهي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پورهيتن۽ هارين جي پارٽي آهي. ملڪ جا مزدور ۽ هاري پيپلز پارٽي جو قابل فخر اثاثو آهن.شرجيل انعام ميمڻ پورهيتن جي عالمي ڏھاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پورهيتن جي ڀلائي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي تاريخي قدم کنيا آهن، ملڪ ۾ مزدورن جي بهتري لاءِ جيڪي به پاليسيون جوڙيون ويون آھن انھن جو ڪريڊٽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڏانھن وڃي آهي، شهيد ڀٽو کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان وٺي چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري تائين مزدورن ۽ هارين جي ڀلائي پيپلزپارٽي جي ترجيحن ۾ شامل رھي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي پهرين مزدور پاليسي ڏئي مزدورن کي تحفظ فراهم ڪيو. صدر آصف علي زرداري 18هين ترميم تحت مزدورن جي ادارن جا اختيار صوبن کي منتقل ڪيا، 18هين ترميم تحت سنڌ حڪومت اهم قانون سازي ڪئي آهي، جنهن جو مثال ٻين صوبن ۾ نه ٿو ملي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سيسي ۾ پورهيتن جي نمائندگي وڌائي ڇڏي آهي، زراعت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت مزدورن لاءِ بينظير ڀٽو مزدور ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت گهريلو مزدورن کي تحفظ تحفظ لاءِ قانون سازي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي مزدورن ۽ هارين جي نمائندگي ڪندڙ پارٽي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي وچن ڪري ٿي ته مزدورن جي ڀلائي لاءِ وڌيڪَ قدم کنيا ويندا.