My WordPress Blog

عمران خان پاڪستان ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا: بلاول

0

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان بيان جاري ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي پورهيتن جي حقن تي ڪنهن به مصلحت جو شڪار نه ٿيندي، پورهيت خوشحال ٿيندو ته ملڪ ترقي ڪندو. پورهين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو پورهيتن ۽ هارين کي اسيمبلين ۾ نمائندگي ڏياريندا، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام مينڊيٽ ڏنو ته ملڪ جي پورهيتن لاءِ بينظير مزدور ڪارڊ جهڙيون اسڪيمون شروع ڪيون وينديون. هن چيو ته معاشري جي ڪرنگهي جي هڏي پورهيت آهن، اڄوڪو ڏينهن شڪاگو جي شهيدن ۽ پاڪستان جي محنت ڪندڙن کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. بلاول ڀٽو زرادري چيو ته عمران خان دور ۾ جيترو ظلم پورهيتن، هارين ۽ پگهاردار طبقي تي ٿيو، ملڪي تاريخ ۾اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو، عمران خان پاڪستان ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان طرفان پنهنجي اي ٽي ايمز ۽ امير طبقن کي نوازڻ واري پاليسين جا نتيجا هاڻي ملڪ ۽ عوام ڀوڳي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ عمران خان رجيم جي تباهين کان بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پورهيت پاليسي ڏني، آصف زرداري پگهارن ۽ پينشن ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو، پ پ محنت ڪشن کي وڌيڪ حق ۽ خوشحالي ڏيارڻ واري مشن کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.