My WordPress Blog

آڊيو ليڪس ثاقب نثار جو ڪردار بي نقاب ڪري ڇڏيو: راڻا ثناءُالله

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته آڊيو ليڪس ثاقب نثار جو ڪردار بي نقاب ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ ٽڪيٽ ڏيارڻ جي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ روپيه گهريا ويا. هڪ تقريب کي خطاب دوران راڻا ثناءُالله چيو ته سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ثاقب نثار جڏهن منصف هو تڏهن هو ڇا نه ڪندو هو؟ هن چيو ته عمران خان کي سازش تحت مڙهيو ويو. پي ٽي آءِ حڪومت جي نااهلي سبب ملڪ ۾ دهشتگردي ڪر کنيو.  سمجهه کان مٿانهون آهي ته دهشتگردن کي واپسي جو رستو ڇو ڏنو ويو. راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ڄاڻي واڻي ايل اين جي درآمد نه ڪئي. ملڪ ۾ سمورن وڏن منصوبن جو ڪريڊٽ مسلم ليگ(ن) ڏانهن وڃي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.