My WordPress Blog

مراد علي شاهه ڪورنگي ۾ چلڊرين اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورنگي نمبر 5 ۾ چلڊرين اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ترجمان موجب وڏي وزير اسپتال جي مختلف وارڊن، ليبارٽري ۽ او پي ڊي جو دورو ڪيو ۽ اسپتال انتظاميا وڏي وزير کي بريفنگ به ڏني. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه ڪورنگي جي عوام کي چلڊرين اسپتال جون مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پ پ حڪومت طرفان اها اسپتال ضلعي جي عوام لاءِ تحفو آهي، سنڌ حڪومت ڪورنگي لاءِ بهترين روڊ، انفرا اسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏني آهي .

Leave A Reply

Your email address will not be published.