لڪي مروت ۾ 3 حملا ناڪام، دهشتگرد ڪمانڊر سميت 7 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار شهيد
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي شهر لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز مختلف جاين تي دهشتگردن جا ٽي حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا ۽ جوابي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي ڀرسان موٽر سائيڪل سوار آپگهاتي حملي آور ڌماڪو ڪيو، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، ان کانسواءِ امير ڪلام ۽ تجبي خيل ۾ ڪارروائي ۾ وڌيڪ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ دهشتگرد ڪمانڊر موسيٰ خان به شامل آهي. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود هٿ آيو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن سان فائرنگ ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ نائيڪ صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين شامل آهن.