سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ جرڳن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ جرڳن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. جيڪب آباد ۾ ٿيندڙ جرڳي بابت ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. عدالت آءِ جي سنڌ کان 5 سالن دوران ٿيندڙ جرڳن جا تفصيل طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن ضلعي ۾ جرڳو ٿيو ته لاڳاپيل ذميوار پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ پوليس آفيسر جو نالو جوابدارن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڪيس هلايو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته جرڳو رياست اندر رياست آهي ۽ پوليس ان کي روڪي سگهي ٿي، جرڳا ۽ انهن ۾ ٻڌايل سزائون به غير قانوني آهي. عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن ضلعي ۾ جرڳو ٿيو ته آءِ جي ان ضلعي جي ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري، آءِ جي جرڳن تي پابندي جي عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي پوليس کي صوبي جي سڀني جاچ آفيسرن کي هڪ مهيني جو ڊجيٽل فرانزڪ ڪورس ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.