حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور هاڪاري اڳڀرائي سان ختم، اڱاري تي وري گڏجاڻي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڳالهين جو ٻيو دور هاڪاري اڳڀرائي سان ختم ٿيو ۽ ڌريون اڱاري تي ٻيهر ويهنديون. ڳالهيون پارليامينٽ هائوس ڪميٽي روم نمبر 3 ۾ ٿيون، حڪومتي ۽ تحريڪ انصاف جي ٽيمن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان به ملاقات ڪئي. ذريعن موجب حڪومت سيپٽمبر ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي پي ٽي آءِ وفد عمران خان سان ڳالهائڻ جي حامي ڀري. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جولاءِ ۾ چونڊن جو مطالبو ڪيو، جنهن تي حڪومت جون ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ جي مجبوري ظاهر ڪئي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي حڪومتي ٽيم جي ميمبر اسحاق ڊار چيو ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، اڄوڪي اڳڀرائي کان قيادت کي آگاهه ڪنداسين، اڱاري تي ٻيهر ويهنداسين، ٻنهي ڌرين تجويزون ڏنيون آهن، ڪا ڊيڊ لاڪ ناهي. پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته سٺي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اسان مناسب اڳڀرائي حاصل ڪئي، عمران خان کي اعتماد ۾ وٺنداسين، اڱاري ڏينهن ڳالهين جو ٽيون فائنل رائونڊ ٿي سگهي ٿو. هن چيو اسان جي نيت آهي ته آئين جي دائري ۾ رهي مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي، هڪ پاسي ڳالهيون ٻئي پاسي گرفتاريون ٿي رهيون آهن، حڪومتي ڪميٽي سامهون به اهو معاملو اٿاريو آهي. فواد چوڌري چيو ته حڪومتي گرفتارين کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، حڪومت گرفتارين کان انڪاري آهي پر اهڙا قدم کڄندا ته پوءِ ڳالهين جو فائدو ناهي، ٻنهي ڌرين طرفان ماحول بهتر رهڻ گهرجي، ماحول بهتر رهيو ته نتيجي تي پهچي وينداسين.