حيدرآباد پوليس ۽ انتظاميه منشيات خلاف گرينڊ آپريشن جوآغاز ڪري ڇڏيو: شرجيل ميمڻ
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حيدرآباد پوليس ۽ انتطاميا مين پوري ، گٽڪي ۽ ٻئي منشيات خلاف گرينڊ آپريشن جوآغاز ڪري ڇڏيو آهي_ پوليس ۽ ضلعي انتظاميا گذريل 36 ڪلاڪن دوران آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي _ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف مهم دوران پوري ضلعي ۾ 119 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 144 ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي _ هن چيو ته ڪريڪ ڊائون ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف 2 ڪيس سٽي ٿاڻي ۾ داخل ۽ 2 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي _ فورٽ ٿاڻي ۾ 6 ڪيس داخل ۽ 6 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويوآهي _ مارڪيٽ ٿاڻي ۾ هڪ ڪيس داخل۽ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ، سخي پير ۾ ٽن ڪيسن ۾ 3 ڏوهارين کي گرفتارڪيو ويو جڏهن ته ڪينٽ ۾ ٽي ڪيس داخل ۽ 3 ڄڻا گرفتار، جي او آر ٿاڻي ۾ هڪ ڪيس داخل ڪري هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي _ اهڙي طرح ڦليلي ۾ 6 ڪيسن ۾ 7 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو _ پنياري ٿاڻي تي 8 ڪيسن ۾ 14 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو _ صوبائي وزير اطلاعات ٻڌايو ته اي سيڪشن ٿاڻي ۾ 9 ڪيسن ۾ 11 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي _ ايئرپورٽ ٿاڻي تي منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ڏوهارين خلاف 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي _ اهڙي طرح هيرآباد ۾ 5 ڪيسن ۾ 7 ماڻهو ، بي سيڪشن ۾ 2 ڪيسن ۾ 3 ڏوهاري ، قاسم آباد ۾ 7 ڪيسن ۾ 10 ماڻهو ، نسيم نگر ۾ 5 ڪيسن ۾ 5 ڏوهاري، بلديا ٿاڻي ۾ 4 ڪيسن ۾ 5 ماڻهو، پوليس اسٽيشن ڀٽائي نگر ۾ هڪ ڪيس ۾ هڪ ڏوهاري ، حالي روڊ ۾11 ڪيسن ۾ 14 ڏوهاري ، ميران شاهه ۾ هڪ ڪيس ۾ هڪ ڏوهاري ،سائيٽ ٿاڻي ۾ 5 ڪيسن ۾ 4 ماڻهو، ٽنڊو يوسف ۾ 6 ڪيسن ۾ 6 ڏوهاري ، ٽنڊو ڄام ۾ 7 ڪيسن ۾ 9 ڏوهاري، راهوڪي ۾ هڪ ڪيس ۾ هڪ ڏوهاري ،هوسڙي ۾ 7 ڪيسن ۾ 10 ماڻهو ،پڀڻ ۾ 6 ڪيسن ۾ 10ڄڻا، ڇلگري ۾ ٻه ڪيس ۽ هٽڙي ٿاڻي ۾ 7 ڪيس داخل ڪيا و يا ۽ پوليس پاران 8 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي _ صوبائي وزير اطلاعات ٻڌايو ته ڏوهارين کان 12255 ڪلو چرس ، 750 آئس پيڪٽ هٿ ڪيا ويا آهن،پوليس ڏوهارين کان 17722 مين پوري ۽ 67123 گٽڪي جا پيڪٽس پڻ هٿ ڪيا آهن_ پوليس 295 ليٽر شراب جون بوتلون ۽ 127پنٽس پڻ پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون آهي _صوبائي وزير اطلاعات چيو ته انشاالله سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نگراني ۾ اهو آپريشن سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ جاري رهندو _ هن چيو ته حيدرآباد ۾ منشيات خلاف جاري مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ صحافي ۽ ڪاروباري تنظيمن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي _ هن چيو ته عام شهري ۽سول سوسائٽي تنظيمون ان مهم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين ته جيئن نوجوانن نسل کي منشيات جهڙي لعنت کان محفوظ رکي سگهجي _