My WordPress Blog

ڊي آءِ بي انچارج ڪياماڙي جو تيل مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون،5 گرفتار

0

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايس ايس پي ڪياماڙي جي هدايت تي ضلعي ڪياماڙي جي مختلف علائقن ۾ ڊي آء بي انچارج راشد حسين شاھ ايراني پئٽرول توڙي ڊيزل مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن۔ ڊي آء بي انچارج راشد حسين شاھ ڪياماڙي ضلعي جي مختلف علائقن بلديا ٽائون۔ مواڇ ڳوٺ۔ سڄڻ ڳوٺ سميت مختلف علائقن ۾ ايراني پئٽرول توڙي ڊيزل وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروايون تيز ڪندي ايراني پئٽرول ۽ ڊيزل وڪرو ڪندڙ 5 دڪاندارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان وڏي مقدار ۾ ايراني پئٽرول توڙي ڊيزل هٿ ڪري ورتو آهي۔ ڊي آء بي انچارج راشد حسين موجب ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري جي هدايتن تي ضلعي ڪياماڙي جي مختلف علائقن ۾ غيرقانوني ايراني پئٽرول توڙي ڊيزل وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ ڪيترن ئي دڪان دارن کي غير قانوني پئٽرول ۽ ڊيزل وڪرو ڪندي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ راشد حسين موجب ايراني پئٽرول توڙي ڊيزل بلوچستان کان ڪراچي اسمگلنگ ٿيڻ جا اطلاع آهن  ڪياماڙي ضلعي جي اهم شاهران تي ناڪابندي ڪندي ايراني پئٽرول توڙي ڊيزل جي اسمگلنگ تي سختي سان چيڪنگ ڪرائي ويندي۔

Leave A Reply

Your email address will not be published.