My WordPress Blog

ميروخان ۾ ايس ايس پي قمبر-شهدادڪوٽ پاران عوام سان وڊيو ڪال تي ڪچهري، مسئلا ٻڌا

0

ميروخان (رپورٽر) ميروخان ٿاڻي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ صدام حسين خاصخيلي پاران وڊيو ڪال ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سب ڊويزن ميروخان جي چئني ٿاڻن ميروخان، بهرام، سجاول جوڻيجو، کبڙ جي ايس ايڇ اوز، وڏن منشين ۽ ڊي ايس پي ميروخان توفيق سڌايو شرڪت ڪئي جڏهن ته چئن ٿاڻن سان سلهاڙيل مختلف ڳوٺن ۽شهرن کان عوام شرڪت ڪري پوليس جي سٺن ڪمن جي ساراه ۽ غلط ڪمن جون شڪايتون ڪيون ان حوالي سان ڳوٺ شير دل بروهي جي رهواسي الهڏنو بروهي شڪايت ڪئي ته اڍائي سال اڳ نئون ٺارو وڌو ڀرسان ڦر ارادي سان بيٺل ڦورن فائرنگ ڪري ٻن  معصوم سئوٽن کي شهيد ڪيو هو جنهن جو ڪيس ميروخان ٿاڻي تي داخل آهي پر مک جوابدار اعجاز علي عرف اجو ڪلهوڙو گرفتار ناهي ٿيو جنهن کي گرفتار ڪري واقعي واري هنڌ روڊ تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وڃي ته جئين ٻيهر اهڙو واقعو رونما نه ٿي سگهي جي يو آئي اڳواڻ حافظ مجیب الرحمان تونيو شڪايت ڪئي ته شهر ۾ آئيس جي نشي جو وڪرو عام ٿي ويو ۽ نوجوان نسل شهر جي قبرستانن ۾ سرعام نشو واپرائي قبرستان ۽ قبرن جي بي حرمتي ڪري رهيا آهن جنهن خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي ڳوٺ نئون ٺارو وڌو جي رهواسي سردار مقبول احمد وڌو چيو ته اسان جي ڳوٺ جي آبادي تمام گهڻي آهي پر پوليس پڪٽون ۽ پوليس گشت نه هجڻ ڪري بدامني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پوليس پڪٽون قائم ڪري گشت پڻ وڌايو وڃي ڳوٺ علي نواز جاگيراڻي جي رهواسي نادر جاگيراڻي شڪايت ڪئي ته محمود آباد روڊ تي هڪ مهينو اڳ ڦورو هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا جيڪو بعد ۾ پوليس جي مدد سان واپس ٿيو پر پوليس پڪٽ قائم نه هجڻ ڪري وڌيڪ ڏوهن جو خدشو آهي جنهن ڪري پوليس پڪٽ قائم ڪئي وڃي عرضي ڀٽو شهر جي رهواسي محمد صالح ڀٽو ايس ايس پي سان وڊيو ڪال تي شڪايت ڪئي ته عرضي ڀٽو ۾ چورين ۽ ڦرن جو آزار وڌي رهيو آهي پوليس جي جوانن کي مقرر ڪري گشت پڻ وڌايو وڃي ته جئين ڏوهن تي ڪنٽرول ٿي سگهي  ڳوٺ مراد جلباڻي جي رهواسي عبدالواحد جلباڻي شڪايت ڪئي ته ڳوٺ ۾ پوليس چوڪي آهي پر نفري مقرر ناهي نفري مقرر ڪئي وڃي بهرام ٿاڻي جي حدن ڳوٺ بدل آباد جي رهواسي نثار بروهي دانهيو ته زمين تي شرپسند قربان ۽ صدام بروهي ناجائز زبردستي قبضو ڪيو آهي جنهن جي ايف آئي آر بهرام ٿاڻي تي پڻ داخل آهي انصاف ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ان کان علاوه شهرين شڪايت ڪئي ته شهر جي مک ۽ ڪاروباري هنڌن تي ڳجھيون ڪئميرائون لڳايون لڳائي شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي غيرفعال بڻيل پوليس خوڪين تي اهلڪار مقرر ڪري 24 ڪلاڪ فعال بڻايو وڃي ته جئين ڏوهن تي ڪنٽرول ٿي سگهي جڏهن ته ايس ايس پي پاران شڪايت ٻڌڻ کان پوءِ موقعي تي ئي حد جي ايس ايڇ او کي فوري طور مسئلا حل ڪري ڪارڪردگي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو وقت ۽ حڪم ڏنو ويو ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان وڊيو ڪال تي مخاطب ٿيندي ايس ايس پي صدام خاصخيلي جو چوڻ هو ته عوام لاءِ منهنجي آفيس جا دروازا هر وقت کليل آهن وڊيو ڪال ڪچهري ڪرڻ جو مقصد اهيو هو ته سب ڊويزن ميروخان جي عوام جا پوليس متعلق مسئلا ٻڌي فوري طور حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري عوام کي سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ آهي هن چيو ته جن ماڻهن به وڊيو ڪال تي مسئلا ٻڌائي مختلف قسمن جون شڪايتون ڪيون آهن انهن جا هڪ هفتي اندر جائز مسئلا حل ڪري ايس ايڇ اوز کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.