موسمياتي تبديلين جا اثر، ڌرتي تي ڳڻتي جوڳي صورتحال، سائنسدانن خبردار ڪري ڇڏيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته ڌرتي موسمياتي تبديلين جي بحران سبب ” اڻڄاتل هنڌ “ تي پهچي وئي آهي ڇو جو سامونڊي گرمي پد ۾ گذريل هڪ مهيني دوران تمام گهڻي تيزي سان اضافو ٿيو آهي.آمريڪي اداري اين او اي اي جي ڊيٽا جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ سائنسدانن موجب سامونڊي گرمي پد ۾ ويجهڙائي وارن هفتن دوران تمام گهڻي تيزي سان واڌ غيرمعمولي آهي جنهن جي فلحال وضاحت ڪرڻ ممڪن ناهي. ڄاڻايل ڊيٽا سيٽلائيٽس ۽ ٻين ذريعن وٽان حاصل ڪئي وئي ۽ سامونڊي گرمي ۾ گذريل 42 ڏينهن دوران لاڳيتو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. سائنسدانن جو خيال آهي ته هلندڙ سال دنيا کي ايل نينو جي موسمياتي لهر جو منهن ڏسڻو پوندو، ايل نينو دوران سامونڊي سطح معمول کان وڌيڪ گرم ٿي ويندي آهي جنهن سبب سموري دنيا ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿيندو آهي. ان جي ابتڙ لانينا دوران وچ ۽ اوڀر بحرالڪاهل ( پئسفڪ سمنڊ)جو گرمي پد گهٽ رهندو آهي جڏهن ته تيز هوائون گهلنديون آهن جنهن سبب عالمي گرمي پد ۾ لاٿ ايندي آهي. گذريل ٽن سالن کان لانينا لهر ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي ۽ فلحال اڃا ايل نينو سسٽم ٺهيو ناهي پر سامونڊي گرمي پد ۾ اڻ ڄاتل سببن جي ڪري اضافو ٿي رهيو آهي. مارچ ۽ اپريل دوران سامونڊي گرمي پد ۾ عام طور تي گهٽتائي ڏسڻ ۾ ايندي آهي پر هلندڙ سال صورتحال مختلف ۽ غيرمعمولي آهي. برٽس انٽارٽڪ سروي جي پروفيسر مائيڪ ميريڊيٿ ٻڌايو ته ان دريافت سائسندانن کي مٿو کنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ سمنڊن جو گرم ٿيڻ هڪ حقيقي سرپرائيز ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، فلحال اِها ڄاڻ ناهي ته ائين مختصر مدت لاءِ ٿيو آهي يا ڪنهن سنگين بحران جي شروعات آهي. سامونڊي گرمي پد ۾ واڌ ڪيئي ڪارڻن سبب ڳڻتي جوڳي آهي، هڪ ڪارڻ اِهو آهي ته وڌيڪ گرمي پد تي ساموندي پاڻي مٿانهين پاسي ويندو جنهن سبب سامونڊي سطح تي ۾ اضافو ٿيندو آهي. اهڙي طرح قطبين جو گرم پاڻي برفاني ميدانن جي پگهرجڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيندو آهي ۽ وڌيڪ گرمي پد سبب سامونڊي ماحول پڻ متاثر ٿيندو آهي. ڪجهه ماهرن کي ڊپ آهي ته اِها هڪ علامت آهي جنهن ذريعي اشارو ملي ٿو ته موسمياتي تبديليون اميد کان وڌيڪ تيز رفتاري سان ڌرتيءَ تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. واضح رهي ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ سبب وڌندڙ گرمي پد جو نوي سيڪڙو حصو سمنڊَ جذب ڪندا آهن. پروفيسر مائيڪ ٻڌايو ته فلحال ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، پر سامونڊي گرمي پد ۾ واڌ موسمياتي اڳڪٿين کان گهڻو وڌيڪ آهي، پر اڃا تائين اسان نٿا ڄاڻون ته اصل ماجرا ڇا آهي. ان کان اڳ اين او اي اي جي شروعاتي ڊيٽا ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اپريل 2023ع جي شروعات ۾ سامونڊي سطح جو سراسري گرمي پد 21.1 سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو جنهن 2016ع ۾ قائم ٿيل 21 سينٽي گريڊ گرمي پد جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، نئون رڪارڊ موسمياتي تبديلين جو نتيجو قرار ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ روزانو سامونڊي گرمي پد ۾ معمولي تبديلي ايندي رهي پر ان ۾ لاٿ جا آثار نظر ناهن آيا.