معمول کان وڌيڪ برساتون، سنڌ حڪومت کاتن کي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مئي ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي کي ڏسندي سڀني کاتن کي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو آهي. سنڌ حڪومت موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي سڀني کاتن کي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو ۽ 5 مئي تائين مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ماحوليات بابت وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ ۾ آنڌاري ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، 30 اپريل کان 5 مئي تائين برسات سان گڏ ڳڙو به پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب سنڌ متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو به خطرو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۾ کنوڻ سان گڏ برسات، جڏهن ته ٺٽي، بدين، خيرپور، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي لاڳاپيل کاتن کي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ندي نالن جي صفائي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته موسميات کاتي چيو آهي ته 28 اپريل جي رات کان ڪراچي ۾ سسٽم اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ڪٿي هلڪي، ڪٿي وچولي ته ڪٿي تيز برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي اهو به چيو ته اربن فلڊنگ جو ڪو امڪان ناهي.