سنڌ ۾ منڪي پوڪس جي ڪهڙي صورتحال آهي؟ عذرا پيچوهو جو بيان اچي ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ منڪي پوڪس جي صورتحال تي صحت واري وزير عذرا پيچوهو جو وضاحتي بيان اچي ويو. سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته صوبي ۾ منڪي پوڪس جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. هن چيو ته ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافر ۾ منڪي پوڪس جي علامتن بابت ڪا صداقت ناهي، ايئرپورٽ انتظاميا جي تصديق بنا ڪنهن قسم جو اطلاع جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي. سندس چوڻ هو ته صحت کاتو سموري صورتحال کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، جناح اسپتال ۽ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال ۾ آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن. عذرا پيچوهو ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 20 بسترن تي ٻڌل آئسوليشن وارڊ قائم ڪيو ويو آهي، منڪي پوڪس بابت بنا تصديق جي اطلاع فراهم ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.