My WordPress Blog

سنڌ حڪومت ڌاڙيلن جي سر جي قيمت مقرر ڪري ڇڏي

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪچي جي ڌاڙيلن جي سر جي قيمت مقرر ڪري ڇڏي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اشتهاري مفرور خطرناڪ ڏوهارين جي سر جي قيمت وڌائي وئي. قتل، ڀنگ لاءِ اغوا، ڦر ۽ ڦر دوران ريپ جي جوابدارن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو، خطرناڪ ڏوهه لاءِ سر جي قيمت 5 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار جي به قيمت 5 لک مقرر ٿي وئي. سنڌ ڪابينا وڌ کان وڌ سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ذريعن موجب سنڌ ۾ اهڙا جوابدار جن جي سر جي قيمت 5 لک رپيا آهي، انهن جو انگ اڳ کان وڌي ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.