My WordPress Blog

چونڊن لاءِ فنڊز نه ڏنا ويا ته وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي: اعتزاز احسن

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ سينئر قانوندان بيرسٽر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب اليڪشن ڪميشن کي فنڊز نه ڏنا ويا ته وزيراعظم، قانون واري وزير ۽ گهرو وزير خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اعتزاز احسن چيو ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف 14 مئي ۽ 2 آڪٽوبر جي وچ ۾ جيڪڏهن چونڊن  جي لاءِ اتفاق ڪن ته چيف جسٽس سهولت ڏئي سگهي ٿو. اعتزاز احسن چيو ته اڌ رات جو جڏهن عدالت کولي وئي ۽ قيدين جي وين پهتي ته عمران خان جي حڪومت ختم ٿي وئي. ان وقت چيف جسٽس ان جو پسنديده جج هو، آئين چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿين. جيڪو چئي ٿو ته ضرورت آهي چونڊون اڳيان ڪيون وڃن ته اها وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته يوسف رضا گيلاني 5 سالن جي لاءِ نااهل ٿيو. شهباز شريف سان به ائين ٿي سگهي ٿو. حڪومت کي صورتحال جي سنگيني جي خبر نه آهي. اسيمبلي ۾ جيڪا ڪارروائي ٿي ان کي تحفظ حاصل آهي. سپريم ڪورٽ 14 مئي تي چونڊن جو حڪم ڏنو آهي. حڪومت چئي ٿي ته 14 مئي تي چونڊون نه ٿيڻ ڏينداسين. پارليامينٽ ۾ ڪنهن جج تي بحث نٿي ٿي سگهي. جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته چونڊون 4 کان 6 مهينا يا هڪ سال اڳيان ڪيون وينديون ته ائين نه ٿيندو. جيڪڏهن هڪ ڀيرو به چونڊن جو ٽائيم اڳيان وڌايو  ويو ته هر ايندڙ حڪومت چونڊن جي ٽائيم کي اڳيان ڪندي. سينئر قانوندان چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججز ۾ گروپنگ آهي ۽ هو هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ به پسند ناهن ڪندا، ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه آهن. چيف جسٽس ٿڌي طبيعت جو شخص آهي. هن چيو ته مان عمران خان جو وڪيل نه آهيان. عمران خان تي ٽيريان ڪيس ثابت ٿيو ته ايندڙ چونڊن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو اميدوار پنهنجن مخالفن تي اهڙا الزام لڳائيندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.