My WordPress Blog

پارليامينٽ جي اختيارن ۾ ڪوبه مداخلت نٿو ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ لچڪ پيدا ڪري: فضل الرحمان

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) سربراهه ۽ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پارليامينٽ جي اختيارن ۾ ڪوبه مداخلت نٿو ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ هڪ شخص کي سياست جو محور بنائي رهي آهي. عدالت پاڻ جبر جو فيصلو ڪيو آهي ان کي واپس وٺي اڄ هٿيارن جي سامهون چيو پيو وڃي ته ڳالهيون ڪيون وڃن. صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ڊي ايم جي سربراهه چيو ته هڪ شخص کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ اسان کي ذليل خوار ڪيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ پنهنجي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪري. عمران خان جي لاءِ لچڪ پيدا ٿي سگهي ٿي ته اسان جي لاءِ ڇو نه؟ ڳالهين جي نوبت نه ايندي. اسان ڪنهن سان ڳالهيون ڪريون؟ جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته عدالت کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي. اسيمبلي قانون پاس ڪري چڪي آهي. عدالت کي ان ايڪٽ جو احترام ڪرڻو پوندو. پارليامينٽ جي اختيارن ۾ ڪوبه مداخلت نٿو ڪري سگهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪيستائين اسان کي بليڪ ميل ڪيو ويندو؟ جنهن شخص کي نااهل ٿيڻ گهرجي عدالت ان کي سياست جو محور بنائي رهي آهي. اسان عمران خان کي سندس ڏوهه جي بنياد تي نااهل سمجهون ٿا. هن چيو ته انصاف کي مڃان ٿو پر جبر کي ڪڏهن به نه مڃيندس، هڪ شخص کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ اسان کي ذليل ڪيو پيو وڃي. عدالت پاڻ جبر جو فيصلو ڪيو آهي ان کي واپس ورتو وڃي. مولانا فضل الرحمان  وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هو اسان کي گهرائي سگهن ٿا  ته پارليامينٽ به انهن کي گهرائي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ پنهنجي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪري. سپريم ڪورٽ ڌر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته پوءِ سياست ۾ اچي وڃي. انشاءَالله عمران خان سان ڳالهين جي نوبت نه ايندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.