My WordPress Blog

ملالا يوسفزئي ” انتهائي ذاتي نوعيت جو ڪتاب“ لکڻ لڳي

0

لنڊن ( ويب  ڊيسڪ ) نوبيل انعام يافته ملالا يوسفزئي اڄڪلهه پنهنجي يادگيرين کي ڪتابي شڪل ڏيڻ ۾ رڌل آهي، نياڻين جي تعليم لاءِ پتوڙيندڙ ملاله يوسفزئي جي ايندڙ ڪتاب جو اعلان پبلشنگ گروپ سائمن اينڊ شوسٽرڪي ”ايٽريا بڪس“ طرفان ڪيو ويو آهي، ان ڪتاب ۾ ڇا هوندو ۽ اِهو ڪيستائين شايع ٿيندو؟ ان بابت اڃا تائين تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايٽريا طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ملالا يوسفزئي جو چوڻ هو ته سندس زندگي جا گذريل ڪجهه سال غيرمعمولي تبديلين ۽ ترقي سان گڏ ايندڙ پريشانين ۽ خوشين سان ڀرپور رهيا آهن جيڪي سندس ذهن جي خاني ۾ محفوظ ٿي ويا آهن. سندس چوڻ هو ته هي سندس هنيئر تائين جو سڀ کان وڌيڪ ذاتي نوعيت جو ڪتاب آهي، ۽ اميد آهي ته پڙهندڙن کي منهنجي ڪهاڻي ۾ سڃاڻپ، خاطري ۽ بصيرت ملندي. هوڏانهن ايٽريا ڄاڻايل ڪتاب کي ملالا يوسفزئي جي طالبان حملي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ريڪوري ۽ سڃاڻپ جي ڳولا جي هڪ حيرت جوڳي ڪهاڻي، عوامي ڌيان جو مرڪز بڻجندڙ ۽ سندس اڄوڪي زندگي تي هڪ ويجهي نظر قرار ڏنو آهي. ان کان اڳ ملال يوسفزئي”I Am Malala: The Story of the Girl Who Stood Up for Education and Was Shot by the Taliban ڪتاب لکيو هو جيڪو سال 2013ع ۾ ڇپيو هو. ان ڪتاب جي هڪ سال بعد يعني 2014ع ۾ کيس 17 ورهين جي عمر ۾ امن جي نوبيل انعام سان نوازيو ويو هو. نياڻين جي اسڪول وڃڻ تي بندش مڙهڻ واري طالبان طرفان پيش ڪيل نظرين خلاف لاڳيتو آواز بلند ڪندي رهي آهي، مٿس تحريڪ طالبان پاڪستان ٽي ٽي پي سال 2012ع ۾ پاڪستان جي شهر سوات ۾ اسڪول کان گهر ويندي رستي قاتلاڻو حملو ڪيو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.