My WordPress Blog

محسن نقوي کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي کان چيف جسٽس معذرت ڪري ڇڏي

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ شيخ رشيد جي درخواست تي جسٽس فيصل زمان خان جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اپيل تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي. 2 رڪني بينچ اپيل چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏي ته جيئن  ڪنهن ٻئي بينچ جي آڏو پيش ٿي سگهي جسٽس فيصل زمان ۽ جسٽس مسعود نقوي تي ٻڌل بينچ شيخ رشيد جي اپيل تي شروعاتي ٻڌڻي ڪئي. شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته سنگل بينچ حقيقتن جي ابتڙ نگران وڏي وزير جي مقرري خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته محسن نقوي جي نگران وڏي وزير جي عهدي تي مقرري خلاف درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.