عيد کان اڳ ئي بينڪن جا اي ٽي ايمز خراب، اسٽيٽ بينڪ ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو
لاهور (ويب ڊيسڪ) عيدالفطر جون موڪلون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي بينڪن جا اي ٽي ايمز خراب ٿي ويا. عيد کان اڳ پئسا ڪڍرائڻ لاءِ آيل صارفين اي ٽي ايم جي خراب هجڻ سبب سخت پريشان آهن. صارفين جو چوڻ آهي ته مختلف اي ٽي ايمز تي پئسا ڪڍرائڻ جي درخواست تي معذرت جا پيغام اچي رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه اي ٽي ايمز تي رقم ڪڍرائڻ جو عمل انتهائي سست آهي جنهن سبب تمام گهڻو وقت ضايع ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جن بينڪن جي اي ٽي ايمز جون شڪايتون مليون آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.