سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ ۾ ڪامياب انڊوز اسڪوپ سرجري ڪئي وئي
سيوهڻ(رپوٽر)سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ ۾ ڪامياب انڊوز اسڪوپ سرجري ڪئي وئي ،ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي چيو ته انڊوز اسڪوپ سرجري جهڙي آپريشن سنڌ صوبي ۾ حيدرآباد،ڪراچي ۽ ان کانپوءِ سيوهڻ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ڪئي پئي وڃي،انڊوز اسڪوپ سرجري ڪرڻ سان مريض کي تمام گهٽ تڪليف اچي ٿي،آپريشن جو طريقيقار اهيو آهي ته هڪ تمام ننڍو سوراخ ڪري آپريشن ڪيو ويندو آهي ،جيڪو عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ۾ بلڪل مفت آهي هتان جا رهواسين جي صحولت لاءِ مان ۽ منهنجي ٽيم ڏينهن رات وس آهر محنت ڪري ٿي انشاءَالله سيوهڻ شهر جي رهواسين کي صحت جو بهتر صحولتون ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات اسين حاضر آهيو ن