My WordPress Blog

خيرپور جي سياست ۾ هلچل: منظور وساڻ جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

0

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ضلعي جي سياست ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هلچل شروع ٿي وئي آهي، صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ سان ٻيهر رابطو ڪيو ويو آهي جي ڊي اي اڳواڻ مير پنھل خان ٽالپُر پيپلزپارٽي جي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جي نا اهلي بابت سپريم ڪورٽ ڏانهن درخواست اماڻي ڇڏي، ڪيس جي پيروي وڪيل راجا اڪرم ڪندو پنهل ٽالپر صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ جي نااهلي واري ڪيس جي پيروي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي پنھل ٽالپُر  موجب  2018 ۾ نااھل ٿيل منظور حسين وساڻ 2023 ۾ اهل نٿو ٿي سگهي، اعليٰ عدالتن مان انصاف لاءِ پراميد آهيان

Leave A Reply

Your email address will not be published.