اي ٽي سي عدالت علي امين گنڊاپور کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) زمان پارڪ ۾ ڀڃ ڊاهه، باهيون ۽ پيٽرول بم ڪيس ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج عبهر گل پوليس جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي علي امين گنڊاپور کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. علي امين گنڊاپور جي جسماني ريمانڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي چيو ته زمان پارڪ سرچ آپريشن دوران پوليس هٿيار هٿ ڪيا. گرفتار ماڻهن بيان ڏنو آهي ته هٿ آيل هٿيار علي امين گنڊاپور ڏنا هئا. سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدارن جي بيان جي تصديق لاءِ علي امين جو جسماني ريمانڊ گهرجي. عدالت پوليس جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪري ڇڏي. ٻئي طرف سنڌ پوليس دهشتگردي جي انت واري عدالت کان علي امين گنڊاپور جو راهداري ريمانڊ گهري ورتو. عدالت علي امين گنڊاپور جو 3 ڏينهن جو راهداري ريمانڊ منظور ڪري ورتو. عدالت جاچ ڪندڙ آفيسر جي استدعا تي 3 ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو.