My WordPress Blog

1971 ۾ پاڪستان ٽُٽڻ جو وڏو سبب غلط عدالتي فيصلو هو: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته 1971 ۾ پاڪستان ٽٽڻ جو وڏو سبب غلط عدالتي فيصلو هو. اسلام آباد ۾ آئين جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ ”آئين پاڪستان قومي وحدت جي علامت“ جي موضوع تي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڊسمبر 1971 ۾ پاڪستان اوچتو نه ٽُٽو پر ان جا ٻج پوکيا ويا هئا، منهنجي راءِ ۾ فيڊرل ڪورٽ جي جسٽس منير پاڪستان ٽوڙڻ جو ٻج پوکيو، پاڪستان ٽٽڻ جو سڀ کان وڏو سبب غلط عدالتي فيصلو هو. هن چيو ته اسان جيڪو ڪم ڪندا آهيون، ان جا اثر صدين تائين هلندا آهن، ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ووٽ سان موت جي سزا ڏني وئي، جيڪڏهن توهان کي تاريخ ناهي ورجائڻي ته تاريخ مان سکو، تاريخ اسان کي سيکارڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا پاڻ ورجايو، تاريخ اسان کي 7 سبق ڏئي چڪي آهي ۽ ڪيترائي ڏيندي، پاڪستان جي آئين جهڙو تحفو وري نه ملندو. سندس چوڻ هو ته اسان تي آئين جو وڌيڪ بار آهي، اسان حلف کنيو آهي ته آئين جو بچاءُ ۽ حفاظت ڪنداسين، جيستائين ماڻهو آئين کي نه سمجهندا ان جو قدر نه ٿيندو، ظالم چوندو آ ته منهنجي مرضي، آئين چوندو آ ته ماڻهن جي مرضي، زندهه معاشري ۾ اختلاف راءِ هوندو آهي، سڀ ڪنڌ جهڪائي بيهندا ته اها ڳالهه بادشاهت ۽ آمريت ٿي ويندي، قسمين قسمين آرڊر جاري ٿيندا آهن، خبر ناهي ڪنهن کي بي وقوف بڻائي رهيا آهيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.