14 مئي ويجهو آهي، سياسي جماعتون هڪ موقف تي اچي وڃن ته گنجائش ڪڍي سگهون ٿا: چيف جسٽس
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ملڪ جي سڀني اسيمبلين جون چونڊون گڏ ڪرائڻ جي درخواست تي ريمارڪس ڏنا آهن ته 14 مئي جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي، تنهن ڪري سياسي جماعتون هڪ موقف تي اچي وڃن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ بچاءَ واري وزارت طرفان سڄي ملڪ ۾ چونڊون گڏ ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سڀاڻي سڀني سياسي جماعتن کي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سموريون سياسي جماعتون پنهنجي نمائندن ذريعي موقف ڏين، سياسي جماعتون جيڪڏهن هڪ موقف تي اچي وڃن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي، جيڪڏهن سياسي جماعتون چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون ته عدالت انهن سان گڏ آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سياسي جماعتن کي سڀاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، نگران حڪومت 90 ڏينهن کان وڌيڪ برقرار رهڻ تي به سوال اٿي ٿو، ڳالهين جو معاملو آهي ته 8 آڪٽوبر تي ضد نٿو ڪري سگهجي، هڪ طرفو ڪجهه نٿو ٿي سگهي، سياسي جماعتن کي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. جسٽس منيب اختر چيو آئين ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ تي چونڊن جو وقت مقرر آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو برطانيا ۾ جنگ دوران وقت تي چونڊون ٿيون هيون، بم ڌماڪن دوران به برطانيا ۾ چونڊون ٿيون. اٽارني جنرل چيو سيڪيورٽي فورسز جو ڪم خطرن کي منهن ڏيڻ آهي، 2001 کان سيڪيورٽي ادارا سرحدن تي مصروف آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو اليڪشن ڪميشن فنڊ ۽ سيڪيورٽي ملڻ تي چونڊون ڪرائڻ جو چيو، عدالتي حڪم هڪ کان ٻئي اداري ڏانهن موڪليو پيو وڃي، اٽارني جنرل چيو توهان جيڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا، اهو سمجهي ويو آهيان. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ڪهڙي گارنٽي آهي ته 8 آڪٽوبر تي چونڊون ٿي وينديون؟ اٽارني جنرل چيو فوج چونڊن جي مقرر وقت موجب آپريشن شروع ڪري ڇڏيا هئا. جسٽس منيب اختر پڇاڻو ڪيو ته ڇا آرٽيڪل 245 تحت فوج سول حڪومت جي مدد لاءِ ايندي آهي؟ اٽارني جنرل چيو آرٽيڪل 245 تحت بنيادي حق معطل ٿيندا آهن. جسٽس منيب اختر چيو ڇا 2018 جي چونڊن ۾ بنيادي حق معطل ٿيا؟ وفاقي حڪومت آرٽيڪل 245 جو اختيار استعمال ڇو نه پئي ڪري؟ ڇا آئين مٿانهون ناهي؟ فوج ملڪ لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج جا ته سڀني کي ٿورا مڃڻ گهرجن. عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي سڀني سياسي جماعتن کي سينيئر اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو.