My WordPress Blog

ڪراچي ۾ 6 يوسين ۾ ٻيهر ڳڻپ جو اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي 6 يونين ڪائونسلز ۾ ٻيهر ڳڻپ جو اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جي جماعت اسلامي جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو. جماعت اسلامي جا وڪيل قيصر امام ۽ حسن جاويد عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن اختياريون ۽ ٻين اميدوارن جا وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيڻ جا سبب تفصيلي فيصلي ۾ جاري ڪيا ويندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.