My WordPress Blog

چيف جسٽس جي ڳالهين جي صلاح تي آصف زرداري جو ردعمل

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيف جسٽس آف پاڪستان طرفان سياسي جماعتن کي چونڊن لاءِ ڳالهين جي صلاح ڏيڻ جي آجيان ڪئي آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيف جسٽس عمر عطا بنديال طرفان چونڊن لاءِ ڳالهين جي صلاح تي تبصرو ڪندي چيو ته اسان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پاڻ ۾ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو حڪومتي اتحاد هڪ موقف تي اچي وڃي ته ان کانپوءِ سياسي مخالفن سان به ڳالهائينداسين، چيف جسٽس ٿورو وقت ڏئي، اسان به ڳالهين ذريعي هڪ ئي ڏينهن چونڊون چاهيون ٿا. واضح رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ملڪ جي سڀني اسيمبلين جون چونڊون گڏ ڪرائڻ جي درخواست تي ريمارڪس ڏنا ته 14 مئي جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي، تنهن ڪري سياسي جماعتون هڪ موقف تي اچي وڃن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.