My WordPress Blog

اسٽيبلشمينٽ جو پنجاب ۾ چونڊن لاءِ سيڪيورٽي ڏيڻ کان انڪار

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ)  سپريم ڪورٽ جي حم خيال ججن جي 3 رڪني بينچ جنهن جي سربراهي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ڪري رهيو آهي ۽ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اعجاز الحسن به شامل آهن، اهي پنجاب ۾ چونڊن بابت ڪيس جي سماعت ڪري رهيا آهن. ان بينچ سان اسٽيبلشمينٽ جي 4 اهم جنرلن اهم ملاقات ڪئي آهي، جن ۾ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس جنرل واجد  عزيز، ڊي جي ملٽري آپريشن جنرل اويس دستگير، ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم شامل آهن، ان ملاقات بابت ذريعا سماعت قرار ڏئي رهيا آهن، ڪجهه حلقا ان کي چيف جسٽس جي خواهش تي ملاقات قرار ڏئي رهيا آهن ،اها ميٽنگ 3 کان 4 ڪلاڪ ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهم جنرلن چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙيل هم خيال بينچ کي ملڪ ۾ امن امان ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني آهي ۽ اهو باور ڪرايو آهي ته پنجاب ۾ چونڊن لاءِ سيڪيورٽي نٿي ڏئي سگهجي، ملاقات ۾ دفاع وارو سيڪريٽري جنرل رٽائرڊ حمود الزمان به شامل هو، جيتوڻيڪ آءِ ايس پي آر يا سپريم ڪورٽ جي ترجمان ڪا باضابطه پريس رليز جاري نه ڪئي آهي ان ڪري صحافي پنهنجن پنهنجن ذريعن کان اندازا لڳائي رهيا آهن، ڇو ته جڏهن پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا هم خيال جج پنجاب ۾ چونڊن بابت آمهون سامهون آهن، اهڙي وقت ۾ هن ملاقات کي اهم قرار ڏئي رهيا آهن. نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي اهم آفيسرن آرمي چيف جنرل عاصم منير جي اجازت سان ئي  ملاقات ٿي هوندي، هم خيال بئنچ کي  سمجهائڻ جي ڪوشش  ڪئي وئي هوندي ته عمران خان کي  ٻيهر وزيراعظم ڪرڻ لاءِ نه سهولتڪاري ڪئي ويندي ۽ نه ڪرڻ ڏني ويندي، لفظ ۽ جملا ٻيا هوندا پر مقصد اهو ئي هوندو، ڇوته  هم خيال جج اڃا تائين  جنرل ( ر ) فيض  حميد جي اسڪرپٽ تي عمل ڪري رهيا آهن. صحافي عبدالقيوم صديقي  جو چوڻ آهي ته جيڪي تازيون اڳڀرايون ٿيون آهن  اهي اشاراآهن ته هاڻي 3 رڪني هم خيال بئنچ  ۽ پارليامينٽ ۾ ڇڪتاڻ ۽ تلخي يا شدت گهٽبي، پر چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي ٻن ڌڙن ۾ ورهائڻ جي روايت قائم ڪري  ڇڏي آهي. نامياري صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته  هم خيال جج ۽ عمران خان سيپٽمبر کان اڳ  هر صورت ۾ چونڊون ڪرائڻ چاهين ٿا،  چيف جسٽس ريٽائر مينٽ کان اڳ مثال قائم ڪرڻ پيو چاهي. صحافي ناصر ملڪ جو وڌيڪ  چوڻ آهي ته  تازين اڳڀراين  مان لڳي ٿو ته هاڻي  هم خيال بئنچ جنهن حد تي پهتي آهي  ان  کان اڳتي نه وڌندي. ان حوالي سان اڄ  جو ڏينهن اهم آهي، ڇوته هم خيال ججن جي  سوچ  سامهون  اچي ويندي  ته موقف تي قائم رهن ٿا يا پٺتي هٽي ٿا وڃن. نامياري صحافي  انصار عباسي جو چوڻ آهي ته 14 مئي تي  چونڊون ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن ، ڏسجي ته اڄ هم خيال بينڇ  ڇونڊن بابت  ڪهڙو آرڊر جاري ڪري ٿي ڇوته ڪالهه ته مڪمل خاموشي رهي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.