ڊيم لاءِ گڏ ڪيل رقم محفوظ هٿن ۾ آهي: ثاقب نثار
لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار چيو آهي ته ماڻهن ڊيم فنڊ ۾ 10 ارب رپيا جمع ڪرايا هئا. هڪ تقريب سان خطاب ڪندي ثاقب نثار چيو ته رقم جي حفاظت لاءِ 5 رڪني بئنچ جوڙي هئي، جمع ٿيندڙ رقم کي ان بئنچ انويسٽ ڪري ڇڏيو هو، جيڪا وڌي 17 ارب رپيا ٿي وئي. هن چيو ته ماڻهن جيڪا رقم ڏني، اها محفوظ هٿن ۾ آهي، جنهن تيزي سان اسان ڊيم جي تعمير ڪرائڻ چاهي، ان ۾ رنڊڪون پيش آيون، جيڪي نٿو ٻڌائڻ چاهيان.