چونڊ فنڊن جي عدم فراهمي تي رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن، ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ پنجاب ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ فنڊن جي فراهمي جي حوالي سان رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته چونڊن لاءِ فنڊ نه ملي سگهيا ۽ اسٽيٽ بئنڪ رقم منتقل نه ڪئي. هوڏانهن اسٽيٽ بئنڪ به پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ رقم جي منتقلي نه ٿيڻ جا سبب شامل آهن. ناڻي واري وزارت پڻ فنڊن بابت رپورٽ اٽارني جنرل آفيس ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آهي. رپورٽ ۾ وفاقي ڪابينا جي فيصلي ۽ پارليامينٽ کي معاملو موڪلڻ، عدالتي حڪم تي اسٽيٽ بئنڪ کي فراهم ڪيل مدد جا تفصيل به شامل آهن، ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ فنڊن جي منتقلي تي قانوني پهلوئن کي به اجاڳر ڪيو ويو آهي. سڀئي رپورٽون سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي آفيس ۾ جمع ڪرايون ويون، جيڪي ججن کي چيمبرز ۾ موڪليون وينديون. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ رقم منتقل ڪرڻ جي حڪم تي عملدرآمد رپورٽون اڄ طلب ڪيون هيون.