My WordPress Blog

پنجاب ۾ چونڊون، انٽيليجنس ايجنسين سربراهن جي چيف جسٽس سان چيمبر ۾ ملاقات

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن لاءِ سيڪيورٽي جي فراهمي جي معاملي تي انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهن چيف جسٽس سميت ٻين ججن سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب چيف جسٽس سميت ٻين ججن ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهن وچ ۾ ملاقات ۾ ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ بچاءُ وارو سيڪريٽري به شامل هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ٿينڊڙ ملاقات چيف جسٽس جي چيمبر ۾ 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت جاري رهي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر به چيف جسٽس جي چيمبر ۾ موجود هئا، جڏهن ته ان ملاقات ۾ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.