ثاقب نثار سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ عدالت لڳائيندو هو: وزيراعظم
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ثاقب نثار غريب کي انصاف لاءِ نه سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ عدالت لڳائيندو هو. راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ٽرانسپلانٽيشن اسپتال جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مريضن جو علاج ڪرڻ وڏي عبادت آهي، هن اسپتال جي تعمير ۾ 5 ارب رپيا لڳي چڪا آهن، اسپتال کي گهڻو اڳ ڏُکي انسانيت جي خدمت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها، گذريل حڪومت هن اسپتال کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته مون کي اڄ هتي جديد آپريشنز ڏسي خوشي ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ مان نگران وڏي وزير محسن نقوي سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. سندس چوڻ هو ته ثاقب نثار غريب کي انصاف لاءِ نه سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ عدالت لڳائيندو هو، هو حنيف عباسي کي شڪست ڏيارڻ لاءِ شيخ رشيد جو ايجنٽ بڻجي تڪ ۾ ويو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪا به حڪومت اچي پر تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ سياست جي اجازت نه هجڻ گهرجي.