My WordPress Blog

اتحادين ۾ اختلاف ٿيندو رهندو آهي، مخالف پريشان آهن ته اسان ڌار ڇو نه ٿياسين؟ وزيراعظم

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحادين ۾ اختلاف ٿيندو رهندو آهي، ڪڏهن ڳالهه مڃي ويندي آ ته ڪڏهن مڃرائي ويندي آ.وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ اتحادي جماعتن جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو.ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڃا قانون ٺهيو ناهي ۽ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ اسٽي ڏئي ڇڏيو، دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو.هن چيو ته اڄ بار ڪائونسلز اسان جي محبت ۾ نه پر قانون جي علمداري لاءِ احتجاج ڪري رهيون آهن، پي ڊي ايم حڪومت کي هڪ سال ٿي ويو آهي، اسان بحرانن جو مقابلو ڪيو، اتحادين ۾ اختلاف ٿيندو رهندو آهي، ڪڏهن ڳالهه مڃي ويندي آ ته ڪڏهن مڃرائي ويندي آ.سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جو معاملو آخري مرحلي تي آهي، جنهن ٻيڙي تي سوار آهي، ان کي ڪناري پهچائينداسين، عام تاثر اهو ئي هو ته اسان جو اتحاد نه هلندو، هاڻ مخالف پريشان آهن ته اسان ڌار ڇو نه ٿياسين؟

Leave A Reply

Your email address will not be published.