آمريڪي ايوان ۾ اميگريشن بابت سخت بل پيش
واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوان ۾ اميگريشن بابت سخت بل پيش ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب پيش ڪيل بل ۾ غير قانوني طور تي ڪم ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ سياسي پناههه لاءِ قائدا ۽ ضابطا به سخت ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته پناهه وٺندڙن کي 50 ڊالر فيس به ادا ڪرڻي پوندي. بل موجب مهاجر ٻارن کي سندن خاندان سان گڏ حراست ۾ رکيو ويندو.