My WordPress Blog

پنجاب جي عام چونڊن جي فنڊن لاءِ قومي اسيمبلي مان منظوري وٺڻ جو فيصلو

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار، پنجاب ۾ اليڪشن فنڊن لاءِ اڄ ئي سمري وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو ته ضمني سپليمنٽري گرانٽ  واري سمري اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فنڊن لاءِ اڄ ئي سمري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ وفاقي ڪابينا مان منظوري بعد معاملو قومي اسيمبلي ۾ اُٿاريو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي پارليامينٽ جي منظوري کان سواءِ خرچن جو اختيار ناهي، قومي اسيمبلي منظور ڏني ته فنڊ جاري ڪيا ويندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.